اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي نامزد نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ علي مردان ڊومڪي کي بلوچستان جو نگران وڏو وزير نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.