ڊبلن_17 آگسٽ(اي پي پي) آئرلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچن جي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ(اڄ) جمعي تي کيڏي ويندي، ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۾ موجود آهي، جٿي پنهنجي آئرلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم سان ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي.ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي جسپرت بمراه ڪندو جڏهن ته آئرش ٽيم پال اسٽيرلنگ جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 20 آگسٽ ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 23 آگسٽ تي کيڏي ويندي، سيريز جون ٽئي ميچون دي وليج ، ڊبلن ۾ کيڏيون وينديون.