اسلام آباد-16 آگسٽ (اي پي پي ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين فاسٽ بالر وهاب رياض عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي. 38 سالن جي وهاب رياض پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خيرباد چوڻ جي فيصلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو هو فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏڻ جاري رکندو هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) ڪوچز ۽ خاندان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن هن سفر دوارن مون کي سپورٽ ڪيو انهن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو .