دبئي_16 آگسٽ(اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) خميس تي کيڏي ويندي، نيوزيلينڊ جي مينز ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه يو اي اي ۾ موجود آهي جٿي پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم سان ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي، نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻ ٽم سائوٿي ڪندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 19 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي 30 ميچ 20 آگسٽ تي کيڏي ويندي.