اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڄام ڪمال وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄام ڪمال جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي سياستدان علي مردان ڊومڪي پڻ ملاقات ڪئي آهي جنهن نگران وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.