اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان سان تعلق رکندڙ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي ۽ مير خالد لانگو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.