ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جشن يوم آزادي تي قوم کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اچو، اسان سڀ گڏجي ملڪ مان نفرتون ۽ ويڇا ختم ڪريون ۽ محنت ڪري پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻايون جنهن جي جمهوريت ۽ خوشحالي جو مثال دنيا ڏي. ميڊيا سيل بلاول هائوس طرفان جاري پريس رليز موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ قوم کي جشن آزادي جون مبارڪون ڏنيون آهن ۽ سمورن پاڪستانين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح ۽ سندس قيادت ۾ آزادي لاءِ پرامن سياسي جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانون ڏيندڙ پنهنجي بزرگن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن وڌيڪ چيو ته 14 آگسٽ تي پرامن سياسي جمهوري جدوجهد ذريعي ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي علامت آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڻ کان سوال ڪرڻ جو ڏينهن پڻ آهي ته ڇا اڄ جو پاڪستان سمورن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو؟ جيڪي هن جي قيام وقت اسان جي باني ۽ وڏڙن مقرر ڪيا هئا ۽ خواب ڏٺا هئا. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن جي روشني ۾ هڪ مضبوط وفاقي جمهوري رياست، رواداري ۽ برابري تي بيٺل معاشري جي قيام لاءِ اسان کي اڃان به محنت ڪرڻ ۽ ڊگهو سفر ڪرڻو باقي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي قائداعظم محمد علي جناح جي سوچ ۽ فڪر جي حقيقي وارث آهي جيڪو هڪ مثالي جمهوريت پسند ۽ مذهبي رواداري ۾ يقين رکڻ وارو مدبر هو. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي ڏنل آئين جو تحفو، قائداعظم جي رياست پاڪستان بابت ويزن جو آئيندار آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پوري زندگي قائداعظم جي پاڪستان کي آمريت کان پاڪ ڪرڻ ۽ عوام جي حقن ۽ آزادين جي حفاظت جي جنگ وڙهي ۽ ان جهيڙي دوران شهادت حاصل ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صدر مملڪت طور پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري وفاقي وحدتن کي متفقه طور اين ايف سي ايوارڊ جو تحفو ڏنو. قائداعظم جي اصولن جي پيروي ڪئي جيڪي اختيارن ۾ اڳ ۾ مرڪزيت ۽ وسيلن ۾ برابري جو حامي هو. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، معاشي برابري، سماجي انصاف ۽ قومي اتفاق ۽ اتحاد لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ اهو يقيني بڻائيندي ته آزادي جي ثمرن مان ڪو به شهري محروم نه رهجي وڃي.