ڪراچي-11 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سريلنڪا ۾ ٿيندڙ افغانستان خلاف سيريز 22 کان 26 آگسٽ تائين 03 ون ڊي عالمي ميچن ۽ 30 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ اي سي سي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني مردن جي ٽيم جي مددگار عملي جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري تفصيلن موجب پاڪستان مينز ٽيم اي سي سي ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ 30 آگسٽ تي ملتان ۾ نيپال خلاف کيڏندي. پليئر سپورٽ پرسنل ۾ ريحان الحق (ٽيم مينيجر)، مڪي آرٿر (ڊائريڪٽر پاڪستان مينز ٽيم)، گرانٽ بريڊ برن (هيڊڪوچ)، اينڊ ريو پوٽڪ (بيٽنگ ڪوچ)، مورني مورڪل (بولنگ ڪوچ)، آفتاب خان (فيلڊنگ ڪوچ)، عبدالرحمان (اسسٽنٽ ڪوچ)، ڊاڪٽر سهيل سليم (ٽيم ڊاڪٽر)، ڊريڪس سائمن (اسٽرنٿ اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ)، ڪلف ڊيڪن (فزيوٿراپسٽ)، احسن افتخار ناگي (ميڊيا مينيجر)، رٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنل عثمان انواري (سيڪيورٽي مينيجر) عمار احسن (ڊجيٽل ڪنٽينٽ پروڊيوسر، صرف ايشيا ڪپ لاءِ) مقبول احمد بابري (ماهر نفسيات) طلحه اعجاز (اينالسٽ) ۽ ملنگ علي (ميسر) کي شامل ڪيو ويو آهي.