اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي کي تمام گهڻو نقصان پهتو، عمران خان جو بيانيو هو ته آمريڪي سازش سان اسان جي حڪومت آئي پر اهو ڪوڙ آهي، جيڪڏهن آمريڪي سازش سان اسان جي حڪومت اچي ها ته اسان جي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام هُجي ها، سائفر جا نقطا جيڪي عالمي اخبار ۾ ڇپيا آهن اهي صحيح آهن ته اهو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي. ”دي نيوز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جا ڀائر ملڪ اسان کان سخت ناراض هئا، عمران خان سعودي عرب جهڙي ملڪ سان پڻ لاڳاپا خراب ڪيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب کي هيٺ ڏيکارڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وئي ته هڪ بلاڪ ٺاهيو وڃي ۽ ان بلاڪ جي ذريعي سعودي عرب کي اڪيلو ڪيو وڃي، اهو ڪيترو افسوسناڪ واقعو آهي ۽ ڪيتري ڪِريل سوچ آهي ته دوست ملڪ جيڪو بنا ڪنهن شرط ۽ لالچ ۽ ڪنهن بدلي جي توقع کانسواءِ توهان کي ڀاءُ ۽ خاندان وانگر مدد ڪري ۽ اسان انهي جا احسان فراموش بڻجي وڃون ۽ اهو چئون ته سعودي عرب کانسواءِ اسان ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن ۾ ايتري خراب صورتحال بابت ڪڏهن سوچي به نه ٿو سگهجي جيڪا عمران نيازي جي دور ۾ ٿي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سائفر جا نقطا جيڪي (عالمي اخبار ۾) ڇپيا آهن اهي صحيح آهن ته اهو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي. عالمي رسالي ”دي انٽرسيپٽ“ ۾ سائفر جي حوالي سان ڇپجندڙ خبر بابت سوال تي هن چيو ته سائفر جي حوالي سان قومي سلامتي ڪائونسل جا 2 اجلاس ان جي سربراهي ۾ ٿيا، هڪ اجلاس ۾ ان وقت جي پاڪستاني سفير ۽ موجوده پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد واضح طور تي چيو ته ان جي آمريڪي عهديدار ڊونلڊ لو سان ملاقات ۾ سازش جي ڪا ڳالهه نه ٿي. وزيراعظم چيو ته ان وقت جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سروسز چيفس به تائيد ڪئي هئي ته پاڪستان جي خلاف سازش ناهي ٿي، عمران نيازي جو اهو بيانيو هو ته آمريڪا ان جي حڪومت ان لاءِ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو چين ۽ روس طرف وڌيڪ راغب هو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪي سازش سان خدانخواسته اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان کي روس کان تيل ملي ها؟ اسان جا چين سان لاڳاپا بحال ٿين ها جن کي عمران نيازي تباهه ڪري ڇڏيو هو؟ ته بس اهو ئي هڪ ثبوت ڪافي آهي. شهباز شريف چيو ته عمران نيازي بعد ۾ ٻئي بيان ۾ پاڻ چيو هو ته آمريڪا ڪا سازش نه ڪئي، هاڻي توهان ان جي پهرين بيان کي درست مڃندا يا ٻئي کي؟ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خدانخواسته آمريڪي سازش سان هي حڪومت آئي هجي ها ته اسان جي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام هو. هن چيو ته کيس اها هرگز توقع نه هئي ته ڪو پاڪستاني وزيراعظم اهڙي قسم جو بدترين زهر ملڪ جي خلاف اوڳاڇيندو، اهو سڀ ڪوڙ آهي ان ۾ پري پري تائين ڪا حقيقت نه آهي. وزيراعظم چيو ته ها باقي اهو ضرور آهي ته آمريڪا سان لاڳاپن ۾ جيڪا خرابي اچي وئي هئي اسان ان کي گڏيل احترام ۽ اعتماد جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي. نگران وزيراعظم جي حوالي سان دير جي سوال تي هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي ايڊوائس کان اڳ آئين تحت اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي حوالي سان مشاورت نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته گذريل رات اهو مرحلو مڪمل ٿي ويو ۽ صدر اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي آهي ته ان کانپوءِ اپوزيشن ليڊر سان ان تي ڳالهه ٿيندي. هن چيو ته هينئر هو نگران وزيراعظم جي حوالي سان نالو نه ٿو ٻڌائي سگهي پر جيڪا به ڳالهه ٿيندي اها پردي ۾ نه هوندي ۽ معاملو سامهون اچي ويندو. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪشمير جي منصفاڻي حل ڳولڻ کانسواءِ رابطا بحال نه ٿا ٿي سگهن ڇو ته پنهنجو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جون عظيم قربانيون آهن ۽ 75 سالن ۾ هزارين ڪشميري مائرن ۽ ڀينرن جون چادرون ليڙون ليڙون ٿيون، ٻار ۽ بزرگ شهيد ٿيا ۽ ڪشمير جي واديءَ انهن جي رت سان ڳاڙهي ٿي. وزيراعظم واضح ڪيو ته ڪشميرين ي خودمختياري جي حق جو مسئلو حل ٿيڻ کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپا ڪنهن به طرح معمول تي نه ٿا اچي سگهن، مون رڳو ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته اسان کي سـٺي پاڙيسري وانگر رهڻ گهرجي پر ان جون جيڪي گهرجون آهن جهڙوڪ ڪشمير ۽ پاڻي جو مسئلو آهي ۽ انهن کي حل ڪرڻ کانسواءِ لاڳاپا بحال نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته انهن تڪرارن جو حل نه ٿيڻ بدقسمتي هوندي ته هن خطي ۾ جتي غربت ۽ بيروزگاري آهي اتي اسان پنهنجا وسيلا ترقي تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي دفاع جي لاءِ مهانگا اوزار خريد ڪرڻ تي لڳايون.