اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي حڪومت ۽ ڪمپنين کي زراعت، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير وليد عبدالڪريم الخيرجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سعودي نائب پرڏيهي وزير سان گڏ توانائي، صحت، ماحوليات ۽ زراعت، صنعت ۽ معدني وسيلن، سيڙپڪاري وارين سعودي وزارتن جا ميمبر پڻ شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ سعودي عرب سان ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن سعودي قيادت کي مبارڪباد پڻ ڏني. هن خاص طور تي ٻوڏ دوران پاڪستان جي وقت سر مالي امداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا ۽ ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سعودي حڪومت ۽ ڪمپنين کي زراعت، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جو قيام نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ميمبر ملڪن خاص طور تي سعودي عرب جي امڪاني سيڙپڪاري کي آسان ۽ تيز تر بڻائيندو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ سعودي عرب جي سنجيده دلچسپي کي ساراهيو. سعودي وفد جو دورو ٻنهي طرفن کان پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي ٺوس ۽ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گهري دلچسپي ۽ آمادگي جو اظهار ڪري ٿو. هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪا گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي لازوال روايت تي ٻڌل آهي.