اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير وليد عبدالڪريم الخيرجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سعودي نائب پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت، توانائي، صحت، ماحوليات ۽ زراعت، صنعت ۽ معدني وسيلن ۽ سيڙپڪاري وارين وزارتن جو هڪ اعليٰ سطحي ۽ نمائنده وفد پاڪستان جي دوري تي آهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. وفد جي آجيان ڪندي مملڪتي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ سعودي عرب جي دلچسپي کي ساراهيو. هن سعودي وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙڻ بابت آگاهه ڪيو ته جيئن نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن خاص طور تي سعودي عرب جي امڪاني سيڙپڪاري کي آسان ۽ تيز تر بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.