سکر – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ تحت 200 بسترن تي ٻڌل چلڊرن اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري سکر پهتو ته ساڻس گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، عذرا پيچوهو، ڏکڻ ڪوريا جو سفير پارڪ ڪيجون، وزيراعظم جو ٻاهرئين سيڙپڪاري وارو صلاحڪار سيد فيروز شاهه ۽ صحت وارو وفاقي وزير قادر پٽيل پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان ٺهندڙ چلڊرن اسپتال جي او پي ڊي بلاڪ، ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڊائيگنوسٽڪ ليب جو دورو ڪيو، هن چلڊرن اسپتال جي انتظاميا کي ٻارن جي لاءِ مخصوص ٻن ايمبولينسن جون چاٻيون حوالي ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري کي ڊاڪٽر سيد جمال رضا ۽ ڊاڪٽر دبير چلڊرن اسپتال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ سيد قائم علي شاهه، نفيسا شاهه، شرجيل ميمڻ، امتياز شيخ، مڪيش چاولا، منور وساڻ، ارسلان شيخ، نعمان شيخ، اويس شاهه، ڪميل شاهه، سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.