چنائي-08 آگسٽ (اي پي پي) ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي ستين ايڊيشن ۾ انتهائي دلچسپ ۽ ڪانٽيڊار مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ٽورنامينٽ ۾ (ڪالهه) وارو ڏينهن آرام رهيو، جڏهن ته (اڄ) اربع تي آخري ٽي ليگ ميچون کيڏيون وينديون. جنهن بعد ٻئي سيمي فائنلز ميچون 11 آگسٽ کيڏيون وينديون. پاڪستان پنهنجي روايتي حريف ڀارت خلاف ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ پنهنجي پنجين ۽ آخري ميچ اربع تي کيڏندو. انهي ئي ڏينهن ملائيشيا ٽيم ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي ٽيم چين سان مهاڏو اٽڪائيندي. واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي 3-3 ڀيرا ايشين چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي.