اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن وزيراعظم محمد شهباز شريف جا اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن هائوسنگ اسڪيم زون 5 اسلام آباد جي بحالي ۽ ان جي پراڻن مسئلن جي حل تي ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب او پي ايف هائوسنگ اسڪيم جي پراڻي مسئلن جي آخرڪار حل سان سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ گهر تعمير ڪرڻ جو موقعو ملندو. اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن هائوسنگ اسڪيم جي بحالي وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري ممڪن ٿي جنهن تي او پي ايف وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.