حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد پُوليس سول اسپتال مان دوائون چوري ڪري مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪندڙ گروهه جي خلاف ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ دوائُون هٿ ڪري ورتيُون. مارڪيٽ ٿاڻو جي ايس ايڇ او سرڪاري دوائُون وڪرو ڪرڻ جي اطلاع تي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي سول اسپتال جي دوائن واري اسٽور ڀرسان ٽولي جي 3 ڄڻن آذان قريشي، احسن خان …
حيدرآباد پُوليس جي سول اسپتال مان دوائون چوري ڪري مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪندڙ گروهه جي خلاف ڪارروائي، ٽي ڄڻا گرفتار

مزید خبریں
حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد پُوليس سول اسپتال مان دوائون چوري ڪري مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪندڙ گروهه جي خلاف ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ دوائُون هٿ ڪري ورتيُون. مارڪيٽ ٿاڻو جي ايس ايڇ او سرڪاري دوائُون وڪرو ڪرڻ جي اطلاع تي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي سول اسپتال جي دوائن واري اسٽور ڀرسان ٽولي جي 3 ڄڻن آذان قريشي، احسن خان قريشي ۽ جمشيد علي خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدار چوري ٿيل دوائون مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا. شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته هو پنهنجن ٻين ساٿين صالح شورو، سجاد بروهي ۽ سعيد سان گڏجي دوائون چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا. پوليس ڪارروائي دوران گرفتار جوابدارن جي قبضي مان مختلف قسمن جون وڏي مقدار ۾ چوري ٿيل دوائون پُڻ مليُون، گرفتار جوابدارن خلاف ڪرائيم نمبر 282/2026 تحت قلم 380، 411 ۽ 34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس پاران ٽولي جي ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪارروايون جاري آهن.










