اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجگور ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن بيان ۾ هن آپريشن ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ساراهه جوڳي آهي، قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سموري …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پنجگور ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجگور ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن بيان ۾ هن آپريشن ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ساراهه جوڳي آهي، قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪارروايون امن دشمنن لاءِ واضح پيغام آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم ۽ سيڪيورٽي ادارن جو پختو عزم واکاڻ جوڳو آهي.










