گال-20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي گال ٽيسٽ ميچ ۾ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. قومي ٽيم 131 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. امام الحق نصف سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته سعود شڪيل جي پهرين اننگز ۾ شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 312 رنسون ٺاهيون هيون جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 461 رنسون ٺاهي 149 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي. سريلنڪا جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 279 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اهڙيءَ طرح پاڪستان کي ڪاميابيءَ لاءِ 131 رنسن جو آسان هدف مليو، جيڪو پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. اهڙيءَ فتح بعد پاڪستان کي آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جون 12 پوائنٽس به حاصل ٿي ويون آهن.