آڪلينڊ -19 جولاءِ (اي پي پي)فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي انتظام هيٺ عورتن جي فٽبال ورلڊڪپ ٽورنامينٽ جو نائون ايڊيشن (اڄ) خميس کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ شروع ٿيندو، اهو عورتن جو پهريون فيفا فٽبال ورلڊڪپ آهي جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ميزبان آهن ۽ اهو پهريون ميگا ورلڊڪپ به آهي جيڪو ڪيترين ئي ڪنفيڊريشنن ۾ منعقد ٿيندو. ڇاڪاڻ ته آسٽريليا ايشين ڪنفيڊريشن ۾ آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ اوشينين ڪنَفيڊريشن ۾ آهي، ان کان علاوه ميگا ايونٽ ۾ 32 ٽيمون ٽائيٽل کٽڻ لاءِ زور آزمائي ڪنديون. افتتاحي ميچ نيوزيلينڊ ۽ ناروي جي ٽيمن وچ ۾ ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ٻي ميچ آسٽريليا ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ ۾ آڪلينڊ، ويلنگٽن، ڊونيڊن ۽ هيملٽن ۾ فٽبال جون ميچون کيڏيون وينديون جڏهن ته آسٽريليا ۾ سڊني، ميلبورن، پرٿ، برسبن ۽ ايڊيليڊ جي گرائونڊن تي ميگا ايونٽ جون ميچون کيڏيون وينديون، آمريڪا جي عورتاڻي فٽبال ٽيم دفاعي چيمپيئن آهي جنهن 2015 ۽ 2019 وارو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو، عالمي ڪپ جو فائينل 20 آگسٽ 2023ع ۾ آسٽريليا جي سڊني اولمپڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ ۾ شامل 32 ٽيمن ۾ ميزبان نيوزيلينڊ، ناروي، فلپائين، سوئيٽزرلينڊ، ميزبان آسٽريليا، آئرلينڊ، نائيجيريا، ڪينيڊا، اسپين، ڪوسٽاريڪا، زمبيا، جاپان، انگلينڊ، هيٽي، ڊنمارڪ، چين، دفاعي چيمپيئن آمريڪا، ويٽنام، نيڌرلينڊ، پرتگال، فرانس، جميڪا، برازيل، پانامه، سوئيڊن، ڏکڻ آفريقا، اٽلي، ارجنٽائن، جرمني، مراڪش، ڪولمبيا ۽ ڏکڻ ڪوريا جون ٽيمون شامل آهن. ميگاايونٽ ۾ شامل 32 ٽيمن کي 8 مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.