اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ عمران پراجيڪٽ وارا شرمنده آهن، عمران نيازي جي 44 مهينن جي معاشي تباهي جو ڪِيتو پاڪستان جي عوام ڀوڳيو، هن ملڪ دشمني ۾ سموريون حدون پار ڪيون، ڄاڻي واڻي آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، ترقي ڪندڙ ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو پهچايو، هنن ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ چاهيو ٿي، هنن سستي تيل ۽ سستي گئس تي سياست ڪئي، ملڪ کي گئس ۽ پيٽرول مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو، جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ نه ٻارڻ هو نه ٻارڻ جي لاءِ پئسا، اڄ روس کان سستو تيل اچي رهيو آهي، آذربائيجان کان سستي گئس جو معاهدو ٿي چڪو آهي، اسان 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ نه رڳو ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو پر ناراض ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻايو، پرڏيهي پاليسي بهتر ڪئي، 3900 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪيو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي آءِ ڊي کي ماڻهن تي گند اڇلائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو، جيڪي ماڻهو هنن ئي سيٽن تي ويهي جن تي الزام هنيا هئا اڄ انهن جي سٺي هجڻ جون گواهيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان جو 44 مهينن جو دور معاشي تباهي، مهانگائي، نااهلي ۽ چوري جو دور هو، پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي سخت شرطن تي پاڻ صحيحون ڪيون، پوءِ ڄاڻي واڻي ان معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو پهچايو. عمران خان ملڪ دشمني جون سموريون حدون پار ڪيون، هِن جو مقصد ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ هو. هن چيو ته جنهن وقت اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ جي اندر معيشت ۽ روزگار تباهه ٿي چڪو هو، مهانگائي عروج تي هئي، ملڪ ۾ نه ٻارڻ هو نه ٻارڻ جي لاءِ پئسا، پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو هو، اسان مختصر ترين مدي ۾ تاريخي مشڪلاتن کي منهن ڏنو. هن چيو ته جڏهن 2018ع ۾ اسان اقتدار ڇڏي ويا هئاسين ته ان وقت ملڪ 6.2 جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو، سي پيڪ منصوبا هلي رهيا هئا، لوڊ شيڊنگ ختم ٿي چڪي هئي، 14 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي چڪي هئي، نواز شريف جي دور ۾ 2016ع ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿي ويو هو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي 44 مهينن جي دوران ملڪ جي سمورن شعبن کي تباهه ڪيو، جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت جي دور جي پهرين 14 مهينن جو جائزو ورتو وڃي ته ان وقت کنڊ، اٽو، بجلي، گئس مهانگي ٿي چڪي هئي، عورتون هڪ ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ جي لاءِ پورو پورو ڏينهن قطارن ۾ بيٺل رهنديون هيون. هن چيو ته ڪويڊ دوران گئس جي قيمت 3 ڊالر هئي، ان وقت تاريخي موقعو هو ته گئس خريد ڪئي وڃي ها پر پي ٽي آءِ ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو، انهن ملڪ کي گئس ۽ پيٽرول مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت 14 مهينن ۾ اهم ترين ڪم سرانجام ڏنا، سڀ کان اڳ اسان ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو جيڪا اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، گذريل چار سالن ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا نه ٿي هئي جڏهن ته اسان 14 مهينن ۾ 3900 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ فرنس آئل مافيا کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ سستي گئس خريد نه ڪئي. هن وقت فرنس آئل سان بجلي جي پيداوار ٻڙي ميگاواٽ آهي. هن چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ ساڍا ٽي سئو ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته هتان پوري ملڪ کي بجلي فراهم ٿيندي جڏهن ته هو عوام کي ڊيم فول بڻائي هليا ويا. هن چيو ته عمران خان نواز شريف دور جي سمورن منصوبن کي بند ڪيو، بجلي ٺاهڻ وارا ڪارخانا بند ڪيا، سي پيڪ منصوبن کي بند ڪيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو. هن چيو ته هلندڙ پراجيڪٽ بند ڪري انهن ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي دنيا سان لاڳاپن کي بااعتماد طريقي سان بحال ڪيو، پنهنجي پرڏيهي پاليسي بهتر ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي روس جي دوري جي حوالي سان پڌرنامو جاري ٿيو هو جنهن ۾ روس جي تيل جو ڪو ذڪر نه آهي ۽ هي چون ٿا ته روس کان تيل اسان آندو. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان سستي تيل جي فراهمي جي لاءِ روس سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ الله جي فضل ۽ ڪرم سان روس کان اڄ سستو تيل اچي رهيو آهي. آذربائيجان کان سستي گئس جو معاهدو ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اهي سڀ ڪم 14 مهينن ۾ ٿي سگهن ٿا ته گذريل چار سالن دوران ڇو نه ٿيا؟ مريم اورنگزيب چيو ته گ ذريل حڪومت احتساب جو ڪوڙو نعرو هڻي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، انهن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، انهن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا. هن چيو ته ٻوڏ دوران وفاق ۾ شهباز شريف، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، وفاق ٻوڏ کان متاثر صوبن کي بنا ڪنهن فرق جي 100 ارب رپيا جاري ڪيا جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ ڪوويڊ دوران سنڌ جي وڏي وزير ڪوويڊ جي حوالي سان جنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪندو هو هي شخص اهو اجلاس ڇڏي هليو ويندو هو. ٻوڏ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سان ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آيو، 11 لک ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ٿيا، چوپايو مال مري ويو، 80 لک ماڻهو بصي گهر ٿيا، 1600 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. شهباز شريف بنا ڪنهن فرق جي ٻوڏ کان متاثر سمورن علائقن جو دورو ڪيو، هو ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيٺل رهيو، ريليف جي سمورن ڪمن جي نگراني پاڻ ڪئي، 70 ارب رپيا بي آءِ ايس پي پروگرام جي ذريعي غريب عوام کي ڏنا. هن چيو ته اڄ ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 100 گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جتي ماڻهو رهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي نقصانن کي هر فورم تي اجاگر ڪيو. جنيوا ۾ 10 بلين ڊالر جي ڪمٽمنٽ جي ضمانت ورتي، پاڻ ان جي اڳواڻي ڪئي، ناڻي واري وزير ڀرپور ساٿ ڏنو، ماحوليات واري وزير ڏينهن رات ڪم ڪيو، اطلاعات واري وزارت پاڪستان کان ٻاهر ۽ پاڪستان جي اندر انهن مشڪلاتن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ دوران وزيراعظم کي اندازو هو ته آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ان لاءِ هن مشڪل وقت ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏنو، انهي آبادگار پئڪيج جي ڪري ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿي. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جو خواب هو ته ميٽرو سروس ايئرپورٽ تائين هجڻ گهرجي، اسان اپريل 2022ع ۾ ايندي ئي ميٽرو سروس جو اهو منصوبو شروع ڪيو، اڄ اسلام آباد کان هر روٽ تي ميٽرو بس سروس ۽ نيٽ ورڪ موجود آهي، انهن بسن تي مزدور، استاد، شاگرد، عورتون ۽ ملازم سفر ڪن ٿا. هن چيو ته ماڻهن کي ايئرپورٽ تائين پهچ جي لاءِ ٽرانسپورٽ تائين ميسر نه هئي، هزارين رپيا خرچ ڪري ماڻهو ايئرپورٽ پهچندا هئا، اڄ ايئرڪنڊيشنڊ بس سروس جي ذريعي ايئرپورٽ تائين پهچ آسان بڻائي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت 14 مهينن جي مختصر عرصي ۾ مارگلا ايونيو، سيونٿ ايونيو انٽرچينج، ڪيپٽن ڪرنل شير خان روڊ منصوبا مڪمل ڪيا، وزيراعظم 30 جولاءِ تائين بهاره ڪهو فلائي اوور مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن اهي منصوبو 14 مهينن ۾ مڪمل ٿي سگهن ٿا ته پوءِ چار سالن ۾ ڇو نه ٿيا؟ مريم اورنگزيب چيو ته اسلام آباد ۾ اولمپڪ ويليج شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ مصروف ڪري سگهجي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي بجيٽ 2022ع ۾ 235 بلين هئي، 2023ع ۾ ان جي بجيٽ 404 بلين ڪئي وئي، هاڻي ان جي بجيٽ 466 ارب رپيا آهي ۽ ان جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 14 مهينن جي اندر بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ 72 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي اهو پروگرام آهي جنهن جو نالو گذريل حڪومت بدلائي احساس پروگرام رکي ڇڏيو هو. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ دوران ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، في خاندان 25 هزار رپيا فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته جڏهن اسان جي دور ۾ پيٽرو مهانگو ٿيو ته وزيراعظم غريب عوام کي سبسڊي ڏني، مشڪل حالتن ۾ 70 ارب رپين جو مفت اٽو سڄي ملڪ ۾ ورهايو. هن چيو ته اسان کي اطمينان آهي ته 14 مهينن دوران پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو، ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچايو، پرڏيهي پاليسي بهتر ڪئي، ٻوڏ متاثرين جي مدد ئي. اسان آءِ ايم ايف جي معطل پروگرام تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي، آءِ ايم ايف جو اعتماد بحال ڪيو، آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ته عوام جي لاءِ مشڪلاتون آهن، وزيراعظم پنهنجي ٻاهرئين دورن دوران آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقاتون ڪندور هيو. جون جا آخري 10 ڏينهن آءِ ايم ايف سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، 29 جون تي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ ٿيو، 3 جولاءِ تي پاڪستان جي سمورن طبقن ان جي آجيان ڪئي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2446 پوائنٽس جو اضافو ٿيو جيڪو 45 هزار پوائنٽس تائين پهچي ويو. هن چيو ته وزيراعظم چئي چڪو آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام فخر جو لمحو نه فڪر جو لمحو آهي، 2016ع ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ٿي چڪو هو، نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ منصوبو آيو، مهانگائي ختم ٿي، بجلي جا منصوبا لڳا، معيشت کي استحڪام مليو، 14000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچي ملڪ جي اندر تعمير ۽ ترقي جي شروعات ڪئي ته ٻئي طرف هڪ شخص انتشار پکيڙيندو رهيو، جڏهن به آءِ ايم ايف جي پروگرام تي ڪا اڳڀرائي ٿي ته لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيندو هو، اڄ به اها ئي تخريبڪاري ۽ انتشار جو مائنڊ سيٽ جاري آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ڪندڙ اڄ چئي رهيا آهن ته اسان ساٿ نه ڏيون ها ته هي پروگرام نه اچي ها جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ڄاڻي واڻي آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪيئ ته جيئن ملڪ ۾ معاشي تباهي پکڙجي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام ٿيندو ته عام ماڻهو جي حالت بهتر ٿيندي، حڪومت 80 ارب رپين جو تاريخي يوٿ پروگرام شروع ڪيو، نوجوانن کي پهريون ڀيرو زرعي قرض ڏناپيا وڃن. ٽيوب ويلز کي سولر تي تبديل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪرين جا واعدا ڪيا پر ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ورتو ويو، ان جو مقصد ملڪ کي ريليف ڏيڻ نه ملڪ کي تباهه ڪرڻ هو. وفاقي وزير چيو ته 2018ع جي پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ استحڪام ڏنو هجي ها ته اڄ هي ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو نه هجي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته انهن کي پهرين ڏينهن ئي جيل موڪلي ڇڏيون ها. هن چيو ته ملڪ سياسي عدم استحڪام کي برداشت نه و ڪري سگهي، اسان قانون موجب احتساب جي عمل کي بحال ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين کي چور چوندڙ اڄ بالٽي، دٻو ۽ فراسي وجهي عدلت وڃي ٿو، ان وٽ پنهنجي چوري جو ڪو جواب نه آهي، هي ڪهڙي منهن سان عوام وٽ ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي 14 مهينن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سمورن منصوبن کي تڪراري بڻايو، هن اسان جي شروع ڪيل منصوبن جون تختيون بدلايون، سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، اڄ عمران پراجيڪٽ وارا شرمنده آهن، ان جو خميازو پاڪستان جي عوام ڀوڳيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران سيٽ اپ جو اعلان آئيني طريقي تحت ٿيندو، وزيراعظم چئي چڪو آهي ته چونڊون 90 ڏينهن جي اندر ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام محب وطن ۽ ملڪ جي لاءِ خدمت ڪندڙ پارٽي کي سپورٽ ڪندي. انشاءَ الله عوام کان ووٽ وٺي ٻيهر اقتدار ۾ اچي ملڪ جي خدمت جي سفر کي جاري رکنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد بابت ماڻهن جو خيال آهي ته هي تمام گهڻو ڊيولپڊ شهر آهي پر هتي ڳوٺاڻن علائقن جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم نه ٿي رکي وڃي. اسلام آباد جي رورل ايرياز جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي ان فرق کي ختم ڪيو ويو آهي. صحافين جي اغوا جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن صحافين جي اغوا جو وٽس ڪوبه اطلاع نه آهي، جيڪڏهن اهڙو واقعو ٿيو آهي ته اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، ان جو نوٽيس ورتو ويندو، سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس سان به رابطو ڪيو ويندو ۽ ان واقعي جي حوالي سان ميڊيا کي به آگاهه ڪيو ويندو. آدمشماري جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان بابت متحده قومي موومينٽ جا خدشا هئا، وزيراعظم ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير جي متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن، وزيراعظم هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ سمورين ڌرين جي نمائندگي موجود آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تعميري ويزن سان ڪم ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي سياسي حريف سان به قانون موجب ڊيل ڪيو آهي. وزيراعظم پاڻ ايم ڪيو ايم کان رپورٽ وٺي ٿو، ان مسئلي جو حل نڪري ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي اٽي جي ورڇ بابت نه سسٽم جي اندر ڪرپشن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 70 ارب رپين جو اٽو سڄي ملڪ ۾ ورهايو ويو، ان جي اندر انتظامي مسئلا ٿي سگهن ٿا، ڪرپشن جي حوالي سان وزيراعظم ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي پر هن وقت تائين ڪرپشن جو ڪو ثبوت ناهي مليو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ دوران ريليف ۽ ريسڪيو جا وقت سر انتظام ڪيا ويا، انهي جي ڪري نقصان تمام گهٽ ٿيو. ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 100 گهر تيار ڪيا ويا، پوري ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو سفر جاري آهي. نگران سيٽ اپ بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني مدي اندر نگران حڪومت کي سيٽ اپ هينڊ اوور ڪيو ويندو. چونڊون 60 يا 90 ڏينهن جي اندر ڪرائڻ جو فيصلو جلد ٿيندو. اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي عوام آڏو بيٺل آهيون، اسان عوام جي آڏو سچ رکيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي 14 مهينن دوران پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪتو، فچ جي رپورٽ موجب پاڪستان جي اڪانومي بهتر ٿي آهي. هن چيو ته اڄ عمران خان غيرملڪي اينڪرز آڏو ويهي پنهنجي ئي بي عزتي ڪرائي اٿي ٿو. هي ماڻهن کي ڪيترا ڀيرا بيوقوف بڻائيندا، آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ان جي پڄاڻي ٿيڻي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، مهانگائي به گهٽ ٿيندي، دهشتگردي به ختم ٿيندي، سي پيڪ جهڙن منصوبن ۾ اضافو ٿيندو. اسان پاڪستان جي عوام کان ووٽ وٺي ملڪ جي خدمت جي سفر کي جاري رکنداسين.