مانچسٽر -17 جولاءِ (اي پي پي)انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 19 کان 23 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. مهمان آسٽريلوي ٽيم کي ميزبان انگلينڊ خلاف پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آهي، ڪينگروز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ کي سنسني خيز مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 43 رنسن تان هارايو هو. جڏهن ته ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم جاندار واپسي ڪندي آسٽريليا جي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 19 کان 23 جولاءِ تائين مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ساڳئي هنڌ تي کيڏي ويندي جتي 2019ع جي ايشز سيريز جي ميچ کيڏي وئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 72 ايشز سيريز ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ آسٽريليا جو پلڙو ڀاري آهي، 34 ۾ آسٽريليا کي فتح ملي جڏهن ته 32 ۾ انگلينڊ ڪاميابي ماڻي جڏهن ته 6 سيريز بنا نتيجي رهيون.