اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي پاڪستان دشمني ۽ ملڪي مخالفت تي لهي آيو آهي، بيگناهه فلسطينين جو رت وهائيندڙ اسرائيل پاران پاڪستان جي اندروني معاملن بابت بيان جي پوري قوم مذمت ڪري رهي آهي، 9 مئي جو واقعو جيڪڏهن اسرائيل ۾ ٿئي ها ته هو ذميوارن جي خلاف ڪيتري تباهي ڪري ها، معاشي بحالي جو پروگرام ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڇڏيندو، آءِ ايم ايف پروگرام جي اڄ منظوري ٿي ويندي،آءِ ايم ايف جو پروگرام اسان جي لاءِ حلوو ۽ کير نه آهي پر سخت پروگرام آهي جنهن کي مجبوري ۾ قبول ڪيو آهي، بهاره ڪهو فلائي اوور جو افتتاح هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿي ويندو، موجوده حڪومت جي سوا سال ۾ ڪرپشن جو ڪو اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، چونڊن کانپوءِ اسان کي موقعو مليو ته ايندڙ 5 سالن ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي، تعليم جي فروغ، زرعي ترقي ۽ ملڪي خوشحالي جي لاءِ سخت محنت ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ برسات جي موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل سميت راولپنڊي، اسلام آباد مان مسلم ليگ (ن) جي قيادت پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي هڪ ٻئي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، ان تي سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي، بهاره ڪهو فلائي اوور انتهائي اهم منصوبو آهي، ان منصوبي جو تعلق رڳو اسلام آباد ۽ راولپنڊي سان نه پوري ملڪ سان آهي، گرمين جي موسم ۾ لکين ماڻهو هتان سفر ڪن ٿا پر بهاره ڪهو ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام رهندي هئي، هن ئي مهيني جي آخر ۾ ان عظيم منصوبي جو افتتاح ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي اها تسلي هوندي ته اهڙو منصوبو جنهن جو تعلق پوري ملڪ سان آهي، مڪمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان جي اڳواٽ مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو آهي، حاجي سڳورن ملڪ جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون آهن، اڄ آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي انشاءَ الله ان ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ٿي ويندي، پاڪستان اعتماد ۽ يقين سان ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام اسان جي لاءِ حلوو ۽ کير نه آهي پر سخت پروگرام آهي جنهن کي مجبوري ۾ قبول ڪيو آهي، اڳوڻي حڪومت آخري ڏينهن ۾ رياست کي داءُ تي لڳايو ۽ سياست جي لاءِ هڪ اهڙي ڳنڀير حرڪت ڪئي جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهتو، اسان سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي بچايو آهي، عمران نيازي پاڪستان دشمني ۽ پاڪستان جي مخالفت تي لهي آيو آهي، نواز شريف ۽ اتحادي حڪومت جي اڳواڻن ملڪ جي لاءِ سياست جي پرواهه نه ڪئي، انهي خلوص نيت جي ڪري پاڪستان جي رياست بچي وئي آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ بحالي جو پروگرام بڻجي ويو آهي، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون ۽ پاڪ فوج ان پروگرام ۾ شريڪ آهن، الله چاهيو ته ان پروگرام جي ڪري پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو، ان ۾ زراعت جي ترقي، ٽيڪسٽائيل روانگي واپار جو فروغ، معدنيات جي ترقي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ شامل آهي، اڄ پاڪستان قرضن جي جبل هيٺ دٻيل آهي پر ان پروگرام جي ڪري ان بار مان نڪري ويندو ۽ ملڪ اسلامي دنيا ۽ عالمي افق تي هڪ مضبوط ۽ طاقتور ملڪ بڻجي اڀرندو ان لاءِ اسان کي تياري ڪرڻي پوندي ۽ جوان جذبي سان اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي عمران نيازي سوا سال ۾ ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ملڪ دشمني ڪئي آهي اها سڀ ڄاڻين ٿا، ٻن صوبن جي ناڻي وارن وزيرن ذريعي آءِ ايم ايف جي پروگرام کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هدايت ڪئي ويندي رهي، پاڪستان جي سريلنڪا بڻجڻ جون ڳالهيون ٿينديُون رهيون، عمران نيازي پنهنجي جٿي سان گڏ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيو هو ته پاڪستان ڪنگال ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي کي هڪ اهڙي اليڪشن جي نتيجي ۾ اقتدار تي ويهاريو ويو جيڪا ملڪي تاريخ جو سڀ کان ڌانڌلي سٽيل اليڪشن هئي، چئن سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، اسان جي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ ۾ هڪ مهينو باقي آهي، سوا سال ۾ ڪرپشن جو ڪو اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، اهو الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي، اسان ملڪي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، اربين ڊالر جي ڪڻڪ ۽ ڀاڻ خريد ڪئي وئي پر الله تعاليٰ اسان کي هر معاملي ۾ سرخرو ڪيو ۽ شفاف طريقي سان معاهدا ڪيا ويا ۽ سڀ کان گهٽ واڪ ڏيندڙ ڪمپنين کان اربين رپيا وڌيڪ گهٽ ڪرايا. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي دور ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي برآمد ۽ درآمد ۾ اربين رپين جو پنهنجي ماڻهن کي فائدو پهچايو ويو، عمران نيازي وڏي وڏي دعويٰ ڪندو هو ۽ چار سال مخالف ڌر کي چور، ڌاڙيل چوندو رهيو، ان شخص جي مقابلي ۾ موجوده حڪومت جيڪي ڪم ڪيا آهن اهي سڀ ڄاڻين ٿا، اسان بجلي جي پيداوار جا منصوبا مڪمل ڪيا، چين جي حڪومت پاڪستان کي رڳو بجلي جي پيداوار ۾ 30 ارب رپين جو فائدو ڏنو آهي، ٻئي طرف خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙيءَ کيسي ۾ وجهڻ ۽ ڪابينا کان بند لفافي جي ذريعي منظوري وٺندڙ جي 190 ملين پائونڊ ڌاڙي جي حقيقت به سامهون اچي چڪي آهي، اها بدترين ڦرلٽ آهي، جيڪا رقم قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجي ها ان جو سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ وڃڻ ڪهڙو تُڪ آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ عمران نيازي کي سازش ذريعي اقتدار ڏنو ويو، 9 مئي تي ملڪي تاريخ جا بدترين واقعا ٿيا جن بابت ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو، ڪالهه اسرائيل پاران جيڪو بيان آيو ان جي پوري قوم ڀرپور مذمت ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ 75 سالن کان مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي، هزارين ٻارن، مائرن ۽ ڌيئرن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ٻارن کي تيم ۽ عورتن کي بيواهه ڪيو ويو، انهن تي ڏينهن رات راڪيٽ هنيا وڃن ٿا، تاريخ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو اهڙي قسم جو ڪو ٻيو مثال نه ٿو ملي، اهو اسرائيل چوي ٿو ته پاڪستان ۾ جيڪو ظلم ۽ زيادتي ٿي رهي آهي ۽ ناجائز ڪيس ٺاهيا پيا وڃن ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي اها ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيل کي ته پاڻ پنهنجي جيءُ ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي، 9 مئي جو واقعو جيڪڏهن اسرائيل ۾ ٿئي ها ته هو اتي ڪيتري تباهي ڪري ها، آئين ۽ قانون موجب ان معاملي کي حل ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اها ڳالهه هئي ته 6 جنوري 2021ع تي ڪيپيٽل هل ۾ جيڪو ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي سزائون ڏنيون ويون اسرائيل ان بابت ته ڪا ڳالهه ڇو نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي اها سازش آهي جنهن جون ڪڙيون ڪٿي ڪٿي ملن ٿيون، ڪنهن معاملي کي مذهبي رنگ ڏيڻ تي يقين نه ٿا رکون، هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذارڻ جو حق آهي، يهودين جو مذهب به انهن کي اهو حق نه ٿو ڏي ته اهي ڏينهن رات بيگناهه فلسطينين جو قتلام ڪن، پاڪستان ۾ جيڪڏهن 9 مئي تي تاريخ جي بدترين حرڪت ٿي آهي ۽ دوست نما دشمنن اها حرڪت ڪئي آهي ته آئين ۽ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي، انهن جي پيٽ ڇو سُور ٿي رهيو آهي، هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ حق آهي ته اهي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪري، 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، شهيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي، انهن جي جسمن کي ٽوڙيو ويو ۽ ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ جي بدترين ڪوشش ڪئي وئي ان کي قوم ڪڏهن نه وساريندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي موقعو مليو ته ايندڙ 5 سالن ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ سخت محنت ڪنداسين، تعليم جي فروغ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وسيلا فراهم ڪنداسين، زراعت جي ترقي جو ڦيٿو هلائينداسين، شمسي توانائي جي فروغ ۽ معدنيات جا خزانا ڳولي ملڪ کي محب وطن پارٽين سان ترقي جي منزل تائين پهچائينداسين پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي محب وطن پارٽي کي عوام ڪامياب ڪيو ته ان کي به قبول ڪنداسين ۽ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، اها اسان جي سوچ آهي، پي ٽي آءِ جي اها سوچ نه آهي، عمران نيازي جي سوچ اها آهي ته جيڪڏهن هو وزيراعظم آهي ته ٺيڪ نه ته خدانخواسته ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو، هٿياربند فوج کي ٻاهرئين ملڪ بدنام ڪريو، انهن کي خط لکو ته پاڪستان جي فوج کي هٿيار ۽ جهاز نه ڏين، ڇا اها حب الوطني آهي، جنهن ملڪ توهان کي رانديگر بڻايو ۽ 1992ع جي ورلڊ ڪپ جو تاج توهان جي سر تي سجايو ان جي به تاريخ اسان ڄاڻون ٿا، اتي به توهان آئون آئون ڪندا رهيا ۽ ٽيم جي باقي رانديگرن جي ته توهان ڳالهه ئي نه ڪئي، ٽيم ورڪ سان ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي ملي هئي، ٽيم ۾ ته جاويد ميانداد ۽ ٻيا رانديگر به هئا، الله تعاليٰ ٽيم کي عزت ڏني پر توهان کي اها عزت راس نه آئي ۽ اڄ توهان ان جڳهه تي پهچي ويا آهيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهيو، اهو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام شيهي جي ديوار بڻجي انهن حربن کي ناڪام ڪندي ۽ پاڪستان عظيم ملڪ بڻجندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شاهين فلائي اوور منصوبو ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. تقريب کي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي ۽ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل پڻ خطاب ڪيو.