پاڪستان پاران شام جي صوبي ادلب ۾ ابوالظهور ايئربيس تي اسرائيلي فوج جي اشتعال انگيز حملي جي مذمت

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان شام جي صوبي ادلب ۾ ابوالظهور ايئربيس تي اسرائيلي فوج جي اشتعال انگيز حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جون اشتعال انگيز ڪارروايون عالمي قانون جي خلاف کليل خلاف ورزي آهن ۽ انهن سان علائقائي امن ۽ استحڪام وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي آفيس پاران اربع ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان شام جي صوبي ادلب ۾ ابوالظهور ايئربيس تي اسرائيلي فوج جي اشتعال انگيز حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جون اشتعال انگيز ڪارروايون عالمي قانون جي خلاف کليل خلاف ورزي آهن ۽ انهن سان علائقائي امن ۽ استحڪام وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي آفيس پاران اربع ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀائر ملڪ شام جي عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ شام جي خودمختياري، علائقائي سالميت، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانون جي بار بار خلاف ورزين جي خاتمي ۽ خطي ۾ ان جي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ قدمن تي ان کي جوابده قرار ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.