اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 14هون اجلاس رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن جي موجوده صورتحال، قومي تيارين، درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري، امڪاني موسمي صورتحال ۽ هنگامي رد عمل جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ا جلاس ۾ لاڳاپيل ادارن پاران …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 14هون اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 14هون اجلاس رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن جي موجوده صورتحال، قومي تيارين، درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري، امڪاني موسمي صورتحال ۽ هنگامي رد عمل جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ا جلاس ۾ لاڳاپيل ادارن پاران موسم بابت اڳواٽ اطلاع، درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري، حساس علائقن، امڪاني خطرن ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن تي جامع بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل ادارن کي حفاظتي ۽ هنگامي قدمن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي ادارن وچ ۾ موثر رابطا ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته حساس ۽ متاثر علائقن ۾ رهندڙ آبادي جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏني وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ انتظام اڳواٽ مڪمل ڪيا وڃن.










