نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2027ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس جي حوالي سان هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي مختلف ترقياتي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2027ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس جي حوالي سان هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي مختلف ترقياتي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي سمورين لاڳاپيل ڌرين کي سمورا انتظام وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاسن جي ڪامياب ميزباني ۽ اعلى ترين معيار جي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪارروائي کي هموار، منظم ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، گهرو سيڪريٽري احمد رضا سرور، سي ڊي اي چيئرمين، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس سي او ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.