اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحت جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، هر قيدي کي آئين، قانون ۽ جيل مينوئل موجب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، باني پي ٽي آءِ کي به اها سهولت فراهم ڪئي ويندي رهي آهي ۽ اڳتي به فراهم ڪئي ويندي رهندي جڏهن ته نجي اسپتال …
صحت جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحت جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، هر قيدي کي آئين، قانون ۽ جيل مينوئل موجب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، باني پي ٽي آءِ کي به اها سهولت فراهم ڪئي ويندي رهي آهي ۽ اڳتي به فراهم ڪئي ويندي رهندي جڏهن ته نجي اسپتال جي حوالي سان نظرثاني جي درخواست داخل ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو واضح ٿي سگهي ته ڇا اهو حق سمورن قيدين کي حاصل آهي يا نه. اربع ڏينهن هتي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جي حوالي سان گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو، مسلم ليگ (ن) ڀلي اقتدار ۾ هجي يا اپوزيشن ۾، ان جي سدائين اها پاليسي رهي آهي ته صحت جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن مسلم ليگ (ن) اپوزيشن ۾ هئي ته تحريڪ انصاف اقتدار ۾ هئي ۽ ان وقت باني پي ٽي آءِ وزيراعظم هو جيڪو اسٽيج تي بيهي اپوزيشن کي طعنى ڏيندو هو ته هي جڏهن جيل وڃن ٿا ته بيمار ٿي پون ٿا، هي جيل جي اندر گهر جو کاڌو گهرن ٿا، هڪ طوفان بدتميزي برپا ڪيو ويو ۽ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي چيو ويو ته بيماري تي ڀرپور سياست ڪئي وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) باني پي ٽي آءِ جي علاج ۽ صحت جي حوالي سان ڪڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي جنهن سان اهو تاثر ملي ته حڪومت صحت جي معاملي تي سياست ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هر قيدي کي آئين ۽ قانون ۽ جيل مينوئل موجب صحت جي سهولتن جي فراهمي جو حق حاصل آهي، باني پي ٽي آءِ کي به اها سهولت فراهم ڪئي ويندي رهي آهي ۽ اڳتي به فراهم ڪئي ويندي رهندي، حڪومت جي ذميواري آهي ته اها جيل ۾ قيدين کي جيل مينوئل موجب طبي سهولتون فراهم ڪري، اهو هڪ حق آهي جيڪو هر قيدي کي ملي ٿو پر ڇا ڪنهن مخصوص نجي اسپتال ۾ علاج جي سهولت به هر قيدي کي حاصل ٿي سگهي ٿي؟ قانون واري وزير ان حوالي سان واضح ڪيو آهي ته ان معاملي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي ويندي ته جيئن ان جي وضاحت ٿي سگهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان جي قيادت يا اسان ڪڏهن به باني پي ٽي آءِ جي صحت جي حوالي سان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن سان صحت جي معاملي تي سياست جو تاثر ملي، صحت جو معاملو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو جڏهن ته الله وڏي ٻول کان بچائي، مون کي اهو وقت ياد اچي ٿو جڏهن باني پي ٽي آءِ واشنگٽن ۾ ۾ بيهي منهن تي هٿ ڦيري چيو هو ته آئون وڃي انهن جو گهر جو کاڌو ۽ دوائون بند ڪندس. مختلف جلسن ۾ به هن اهو چيو ته جڏهن هي جيل وڃن ٿا ته بيمار ٿي پون ٿا، الله تعالى کان ڊڄڻ گهرجي ۽ وڏي ٻول کان بچڻ گهرجي. هن چيو ته نجي اسپتال جي حوالي سان نظرثاني جي درخواست داخل ٿيڻ گهرجي جڏهن ته علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڪو ابهام نه آهي. حڪومت جو ايگزيڪيوٽو فنڪشن آهي ته قيدي کي جيل مينوئل موجب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، اها سهولت فراهم ڪئي ويندي رهي آهي ۽ اڳتي به ٿيندي رهندي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ابهام نه آهي، اسان اها ذميواري اڳ ۾ به نڀائيندا آيا آهيون ۽ اڳتي به نڀائيندا رهنداسين. عظمى خان جي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت مسلسل اهو چوندي رهي آهي ته ان معاملي تي سياست ۽ سياسي بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي، عدالت به پابندي لڳائي ته سياست نه ڪريو، صحت جو معاملو سياست کان جدا رهڻ گهرجي ۽ حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائيندي رهندي. هن چيو ته قانون واري وزير قانون ڪالهه به نجي اسپتال جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته نظرثاني جي درخواست داخل ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اهڙي طرح جو ڪو مثال قائم ٿئي ٿو ته ان حوالي سان واضح ٿيڻ گهرجي ته اهو حق سمورن قيدين کي حاصل هوندو يا نه.









