نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ايندڙ اعلى سطح جي دورن ۽ ملاقاتن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ اعلى سطح جي دورن ۽ ملاقاتن جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کي انتظامن ۽ اڳتي ٿيندڙ ملاقاتن جي مختلف رخن بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته ايندڙ دورن ۽ ملاقاتن جي ڪامياب …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ اعلى سطح جي دورن ۽ ملاقاتن جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کي انتظامن ۽ اڳتي ٿيندڙ ملاقاتن جي مختلف رخن بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته ايندڙ دورن ۽ ملاقاتن جي ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۽ جامع تيارين جي ضرورت آهي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي اعلى عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں