چٽوگرام -04 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) اربع تي ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽوگرام ۾ کيڏي ويند. واحد ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم مهمان افغان ٽيم کي 546 رنسن تان شڪست ڏئي چڪي آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات اڄ کان ٿيندي، جڏهن ته باقي 2 ميچون 8 ۽ 11 جولاءِ تي کيڏيون وينديون. جنهن کان پوءِ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون جيڪي 14 ۽ 16 جولاءِ تي کيڏيون وينديون. ون ڊي ميچون ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ جڏهن ته ٽي – ٽوئنٽي ميچون سلهٽ ڊسٽرڪٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.