لنڊن -03 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 جولاءِ تائين هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏي ويندي، مهمان ٽيم آسٽريليا کي ميزبان انگلينڊ خلاف 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آهي. ڪينگروز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي سنسني خيز مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ 43 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ 6 کان 10 جولاءِ تائين هيڊنگلي ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي قيادت بن اسٽروڪس ڪري رهيو آهي جڏهن ته آسٽريليا جي اڳواڻي فاسٽ بالر ٽيٽ ڪمنز ڪري رهيو آهي.