جده-27 جون (اي پي پي) فيفا ڪلب عالمي ڪپ ٽورنامينٽ 2023ع فٽ بال ٽورنامينٽ جي ميزباني سعودي عرب ڪندو. سعودي عرب فٽ بال فيڊريشن (ايس اي ايف ايف) ۽ فٽ بال جي عالمي تنطيم (فيفا) جي گڏيل پڌرائي مطابق فيفا ڪلب عالمي ڪپ ٽورنامينٽ 2023ع هلندڙ سال 12 کان 22 ڊسمبر تائين سعودي عرب جي شهر جده ۾ کيڏيو ويندو جيڪو پهريون ڀيرو سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندو. ايس اي ايف ايف فيبروري ۾ اعلان ڪيو هو ته فٽ بال جو اهو مقابلو سعودي عرب ۾ ٿيندو ۽ فيفا جي وفد سعودي عرب جي دوري بعد اختيارين تيارين جو جائزو وٺڻ بعد جده کي ٽورنامينٽ جو هتمي هنڌ قرار ڏنو هو.