جميڪا- 23 جون (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 جولاءِ تائين ونڊ سرپارڪ، روزو، ڊومينيڪا ۾ کيڏيو ويندو. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف هڪ 2 ٽيسٽ، ٽي هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏيندي. ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 12جولاءِ کان ڊومينيڪا ۾ ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي شروعات 27 جولاءِ تي بار بارڊوس ۾ ٿيندي، ٻي ون ڊي ميچ 29 جولاءِ تي باربارڊوس جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ پهرين آگسٽ تي ٽرينيڊاڊ ۾ شيڊول آهي. ون ڊي سيريز جي پڄاڻي تي ڀارتي ٽيم ٽرينيڊاڊ ۾ ئي پنج ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ 3 آگسٽ تي کيڏيندي. ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ۽ ٽئين ميچ ترتيبوار 6 ۽ 8 آگسٽ تي گيانا ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ 12 جولاءِ کان سينٽرل بروورڊ ريجنل پارڪ اسٽيڊيم ٽرف گرائونڊ، لاڊرهل، فلوريڊا ۾ کيڏي ڏيندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ انهي هنڌ تي 13 آگسٽ تي کيڏي ويندي.