هراري -19 جون (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ڪواليفائر ميچن جي شروعات زمبابوي ۾ ٿي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ اڄ اڱاري ڏينهن وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ميزبان زمبابوي ۽ نيڌرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. زمبابوي جي ٽيم جي اڳواڻي ڪريگ ارون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته نيڌرلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻ اسڪاٽ ايڊورڊز ڪندو. ساڳئي ڏينهن ٻي ميچ نيپال ۽ آمريڪا جي ٽيمن وچ ۾ تاڪاشينگا اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪواليفائر ۾ 10 ٽيمون مقابلو ڪنديون جنهن ۾ ويسٽ انڊيز، زمبابوي، نيڌرلينڊز، نيپال ۽ يو ايس اي جون ٽيمون گروپ اي ۾ شامل ڪيو ويون آهن جڏهن ته سريلنڪا، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، اومان ۽ يو اي اي کي گروپ بي جو حصو بڻايو ويو آهي. ڪواليفائنگ ميچون 9 جولاءِ تائين زمبابوي ۾ کيڏيون وينديون.