اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو، معاشي بحالي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان داخلي عدم استحڪام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اجتماعي جدوجهد وقت جي ضرورت آهي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ رڪاوتون …
دهشتگردي جو خاتمو، معاشي بحالي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان داخلي عدم استحڪام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اجتماعي جدوجهد وقت جي ضرورت آهي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ رڪاوتون ختم ڪيون وڃن: ايپڪس ڪميٽي
اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو، معاشي بحالي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان داخلي عدم استحڪام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اجتماعي جدوجهد وقت جي ضرورت آهي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ رڪاوتون ختم ڪيون وڃن، ايپڪس ڪميٽي هدايت ڪئي ته پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سمورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون بنا دير جي ختم ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سينٽرل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن خاص طور تي 30 جنوري 2023ع تي پشاور پوليس لائينز مسجد ۽ 19 فيبروري ي ڪراچي پوليس چيف آفيس ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. حساس ادارن جي نمائندن سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين تي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملي ۽ هيستائين سامهون ايندڙ حقيقتن کان آگاهه ڪيو. سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي، سي ٽي ڊي، پويلس سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سلام پيش ڪندي شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اجلاس ڪراچي پوليس ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ ماضي ۾ منظور ٿيندڙ فنڊز جي عدم دستيابي جي معاملي تي غور ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سمورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون بنا دير جي ختم ڪيون وڃن. قومي سلامتي ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ بنيادي آئيني فرض آهي جنهن کي قومي جذبي، خلوص نيت، ڌيان ۽ بهترين صلاحيت سان سرانجام ڏيڻو پوندو. وفاق صوبن کي امن امان جون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ۽ مدد فراهم ڪندو. اجلاس دهشتگردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان غور ڪيو. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران اهڙي معلومات به ميڊيا تي نشر ٿي وڃي ٿي جنهن سان دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ سيڪيورٽي آپريشن تي اثر به پئجي سگهن ٿا جنهن سان آپريشن ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن جون زندگيون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون. تجويز ڪيو ويو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ لاڳو سائبر اسپيس ۽ دهشتگردي بابت ”ايس او پيز“ ۽ ضابطن مان رهنمائي ورتي وڃي. انهي ڏس ۾ ميڊيا هائوسز ۽ لاڳاپيل سمورين ڌرين جي مشاورت سان مناسب طريقيڪار جوڙيو وڃي ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ افواهن، گمراهه ڪندڙ اطلاع ۽ عوام ۾ خوف پيدا ٿيڻ جي تدارڪ سان گڏ سيڪيورٽي آپريٽس جي لاءِ ڏکيائيون پيدا نه ٿين. اجلاس اهو به طئي ڪيو ته خُدا نه ڪري ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ ميڊيا ۽ عوام تائين حقيقتن جي فراهمي جي لاءِ ڪنهن هڪ فوڪل پرسن کي ذميواري ڏني وڃي. اجلاس نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ گذريل اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي پاران دهشتگردن جي خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي، معاشي بحالي ۽ سياسي استحڪام پاڻ ۾ گڏيل آهن، پاڪستان داخلي عدم استحڪام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ گڏيل جدوجهد وقت جي ضرورت آهي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي وزير بشمول ناڻي واري وزير ۽ گهرو وزير سان گڏوگڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، حساس سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه، گهرو وزارت وارو وفاقي سيڪريٽري، سمورا چيف سيڪريٽريز، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد سميت سمورن صوبن جا آءِ جيز پوليس، نيڪٽا جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا.












