نيويارڪ – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن نومبر ۾ شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ڪوپ – 27 ۾موسمياتي آفتن جي متاثرين جي مدد لاءِ ”زيان ۽ نقصان“ فنڊ قائم ڪرڻ جي ذريعي تاريخ رقم ڪئي، اها اهم اڳڀرائي آهي جيڪا دولتمند ملڪن جي حوصلا افزائي ڪري ٿي ته اهي موسمياتي تبديلي جي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن کي مالي امداد فراهم ڪن، ان کي دنيا ۾ هڪ تاريخي فتح طور تسليم ڪيو ويو آهي جيڪو ڏهاڪن جي ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي. پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري دوران ”عرب نيوز“ کي ڏنل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته مون کي ان تي فخر آهي ته پاڪستان جي جي – 77 جي سربراهي ۾ اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پاڪستان 134 اسرندڙ ملڪن جي گروپ جي – 77 جي 2022ع جي لاءِ سربراهه جي حيثيت سان اسرندڙ دنيا جي موسمياتي امداد جي لاءِ عالمي جدوجهد جي قيادت ڪئي آهي. ان ۾ ڪيترائي ملڪ عالمي سطح تي گرين هائوس گئس خارج ڪرڻ ۾ سراسري گهٽ حصو وجهن ٿا، پوءِ به اهي پاڻ اڪثر موسمياتي تباهين جي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل هوندا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪوپ – 27 کان اڳ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا ۾ ”زيان ۽ نقصان“ جي مسئلي کي شامل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهو ڪو آسان ڪم نه هو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافتهم لڪن کي اسرندڙ دنيا کي معاوضو ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ هڪ وڌيڪ عملي ۽ حقيقت پسنداڻي موقف طور اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي ڏکڻ ۽ عالمي اتر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلي جو انصاف ۽ موسمياتي تبديلي تي ٻڌل تباهي جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ان کي پرواهه نه آهي ته توهان امير آهيو يا غريب، ڀلي توهان موسمياتي تبديلي ۾ تمام وڌيڪ حصو وڌو يا توهان ائين نه ڪيو. هن پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جي ڪري تباهين جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي سببن جي حوالي سان مختلف موقف آهن، اسرندڙ دنيا جو موقف آهي ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ان جو حصو تمام گهٽ آهي، انهن هن موسمياتي بحران ۾ ايترو حصو نه وڌو جيترو ترقي يافته دنيا جو آهي پر ان جي باوجود انهن کي اهڙي طرح فائدو حاصل نه ٿيو جهڙي طرح ترقي يافته دنيا صنعتڪاري سان حاصل ڪيو آهي، ان لاءِ اسان کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ وچولو رستو ڳولڻو پوندو. هن چيو ته جي – 77 جي ايجنڊا بلڪل اها ئي آهي ۽ اسان اسرندڙ دنيا جي امنگن جي نمائندگي ڪريون ٿا، اهو گڏيل قومن جي سڀ کان وڏن فورمن مان هڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ سالا مدي جي مڪمل ٿيڻ تي اهو چوڻ ته اسان اسرندڙ دنيا، عالمي ڏکڻ ۽ عالمي اتر جي وچ ۾ حرڪيات کي بنيادي طور تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، صحيح نه هوندو، اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان انهن مان ڪجهه تضادن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، خاص طور تي ڪوپ – 27 جي ڏس ۾ جي – 77 جي ايجنڊا تي ”زيان ۽ نقصان“ جي اهم رخ کي آڻڻ ۾ ڪاميابي ان تضاد کي ختم ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا ۽ يوڪرين جي جنگ سميت ٻين عملن جي نتيجي ۾ اسان پائيدار ترقياتي هدفن تي ضروري اڳڀرائي نه ڪري سگهياسين، جيڪڏهن اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ته ان جي لاءِ پرجوش سڌاراجاتي ايجنڊا جي ضرورت آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري نرل انتونيو گوتيرس جي تجويزن جي توثيق جي ضرورت آهي جيڪي عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن جو پڻ مطالبو ڪري ٿو ته جيئن اسان پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهون.