APP12-281222 ISLAMABAD: December 28 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet meeting. APP/MAF/ZID

اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ توانائي بچت پلان تي عملدرآمد ۽ متبادل توانائي جو استعمال لازمي قرار ڏيندي سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا پنجاب حڪومت پاران سينيئر پارليامينٽرين چوڌري اشرف کي 53 سالا پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. وفاقي ڪابينا ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ انهن واقعن جي شديد مذمت ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي خلاف مسلسل جدوجهد تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن پاران پيش ڪيل ”مجوزه توانائي بچت پلان“ تي بحث ڪيو. اجلاس کي ڄاڻايل توانائي بچت پلان جي حوالي سان ڌرين سان ٿيل هيستائين جي ڪيل مشاورت تي بريفنگ ڏني وئي. وزراعطم چيو ته صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سميت سمورين ڌرين سان مشاورت جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ”مجوزه توانائي بچت پلان“ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان کي بحيثيت قوم توانائي جي حوالي سان ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجا رويا ۽ طور طريقا بدلائڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ توانائي بچت پلان تي عملدرآمد ۽ متبادل توانائي جو استعمال لازمي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ونڊ پاور جي صلاحيت جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت کي 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جنهن ۾ توانائي وارو وفاقي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ۽ قدرتي وسيلن ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز شامل هوندا. اجلاس کي ٻڌايوويو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ نيشنل انرجي ايفيشنسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي توانائي بچت ۽ ڪفايت شعاري بابت هڪ آگاهي مهم پڻ تيار ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران اليڪٽرڪ بائيڪس جي استعمال کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پيٽرول سان هلندڙ موٽرسائيڪلن کي مرحليوار اليڪٽرڪ بائيڪس سان تبديل ڪيو ويندو. هن وقت پاڪستان 90 ڪمپنيون موٽرسائيڪلز ۽ آٽو رڪشا ٺاهي رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ ساليانو 6 ملين موٽرسائيڪلز ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 22 ڪمپينن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ٺاهڻ جا لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو تهپ اڪستان ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس جي فروغ سان ٻارڻ جي مد ۾ خاطرخواهه بچت ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ بائيڪس جي استعمال سان نه رڳو ٻارڻ جي بچت ٿيندي پر اهي ماحول اليڪٽرڪ بائيڪس ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي جو سبب به بڻجنديون. وزيراعظم اليڪٽرڪ بائيڪس جي حوالي سان هڪ تفصيلي پلان اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا سويابين بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ڪمرشل ٽرانزيڪشن ايڪٽ 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي سڄي ملڪ ۾ قائم اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشنز جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ون اسٽاپ سروس ايڪٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي تاج فيلڊ (ميرپورخاص بلاڪ) کي واپاري حيثيت جي لاءِ 14.11 اسڪوائر ڪلوميٽر تي ٻڌل ايريا ڪمرشل بنيادن تي ڊڪليئر ڪرڻ ۽ ان بلاڪ کي يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان لميٽيڊ (يو اي پي ايل) کي 5 سالن جي لاءِ ترقياتي ۽ پيداواري ليز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 21 ڊسمبر 2022ع ۽ 15 نومبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 26 ڊسمبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.