اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي ريليف ۽ بحالي سرگرمين جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، پاڪستان جي دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرين ۽ پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي موسمياتي تبديلين جا چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ غيرمعمولي برساتون ٿيون، پاڪستان جي عوام کي مشڪل ۾ ڏسي انتهائي ڏک ٿيو آهي. انتونيو گوتريس چيو ته گڏيل قومون پاڪستان جي هن مشڪل وقت ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، پاڪستان جي افغان پناهگيرن جي ڊگهي عرصي تائين ميزباني ساراهه جوڳي آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين عملدارن سان ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان ملاقاتون ٿيون آهن. هن چيو ته سندس پاڪستان سان محبت جو رشتو آهي، موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر هي انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي ان جي نتيجن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته موسمياتي تبديلي مستقبل جو نه، اڄ جو خطرو آهي جنهن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، ماڻهو ڏڪار ۽ ٻوڏ جي ڪري مري رهيا آهن، زهريلي گئسن جي اخراج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي موسمياتي تبديلين جا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته افغان پناهگيرن جي ڊگهي عرصي تائين مهمان نوازي تي پاڪستان ساراهه لائق آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين عملدارن سان ملاقاتون ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومون شروعاتي طور تي 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪئي هئي جيڪا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي لاءِ ناڪافي آهي، پاڪستان جي دوري جو مقصد عالمي برادري کان پاڪستان جي لاءِ مدد جي اپيل آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي مدد ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي امداد گهربل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قمن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو اسان جي لاءِ خوشي جوڳو آهي، پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي درپيش آهي، ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ شديد تباهي پکيڙي آهي. هن چيو ته هن مشڪل وقت ۾ انتونيو گوتريس جي پاڪستان جي دوري تي ٿورائتا آهيون، ٻوڏ جي ڪري ٻارن ۽ عورتن سميت 1300 ماڻهو فوت ٿيا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي مرضن جو ڦهلاءُ وڏو چئلينج آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي درپيش آهي، ريسڪيو ورڪرز 24 ڪلاڪن ڪم ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس شديد ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان جي دوري جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ تباهي ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو هن قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي بابت عالمي بيداري کي فروغ ڏيندو ۽ ٻوڏ متاثرين جي انساني ۽ ٻين ضرورتن جي لاءِ هم آهنگ ۽ ٺوس عالمي ردعمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سينيئر عملدارن کانسواءِ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي آفيس جو ترجمان عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.