اسلام آباد – 02 - سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه ۽ فوج سميت سمورن ادارن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ڇو ته اهڙا تبصرا عظيم تر قومي مفاد ۾ نه آهن، ڪجهه ماڻهو يا گروهه جيڪي ڪجهه سياسي پارٽين يا اڳواڻ جا پيروڪار آهن اهي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي ڄاڻ يا رضامندي کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ٽرول …
عدليه ۽ فوج سميت سمورن ادارن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ڇو ته اهڙا تبصرا عظيم تر قومي مفاد ۾ نه آهن، ڪجهه ماڻهو يا گروهه جيڪي ڪجهه سياسي پارٽين يا اڳواڻ جا پيروڪار آهن اهي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي ڄاڻ يا رضامندي کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو يا ادارن جي خلاف توهين آميز رجحان شروع ڪن ٿا پر اهڙا رجحان بنا ڪنهن ثبوت جي سياسي پارٽي يا شخصيت سان ڳنڍيا وڃن ٿا، غيرتصديق ٿيل الزام سياسي ورڇ ۾ اضافو ڪن ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي: صدر

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه ۽ فوج سميت سمورن ادارن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ڇو ته اهڙا تبصرا عظيم تر قومي مفاد ۾ نه آهن، ڪجهه ماڻهو يا گروهه جيڪي ڪجهه سياسي پارٽين يا اڳواڻ جا پيروڪار آهن اهي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي ڄاڻ يا رضامندي کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو يا ادارن جي خلاف توهين آميز رجحان شروع ڪن ٿا پر اهڙا رجحان بنا ڪنهن ثبوت جي سياسي پارٽي يا شخصيت سان ڳنڍيا وڃن ٿا، غيرتصديق ٿيل الزام سياسي ورڇ ۾ اضافو ڪن ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سمورين حڪومتن ۽ سياسي پارٽين کي سياست کي روڪي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عوام، ڪاروباري ادارن، سول سوسائٽي ۽ انساني تنظيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ گير مهم شروع ڪن ۽ سول ۽ فوجي انتظاميا کي ٻوڏ سٽيلن کي بچائڻ، انهن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ مدد فراهم ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سينيئر صحافين مجيب الرحمان شامي، سهيل وڙائچ، گوهر زاهد ملڪ، اويس رئوف ۽ نواب ڪيفي سان ملاقات دوران ڪيو. خيبرپختونخواهه، ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري بابت سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان تباهي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿي آهي جڏهن ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ 1 سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي. هن وڌيڪ چيو ته ترقي يافته دنيا کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڏو حصيدار هجڻ جي ناطي متناسب طور تي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز، تباهه ٿيل مواصلاتي نظام، گهرن، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ بيٺل فصلن جو ماڻهن کي معاوضو ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تباهي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو جڏهن ته 350 کان وڌيڪ ٻارن سميت 1100 ماڻهو پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا، 1600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، 10 لک کان وڌيڪ گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيا، ڳوٺن جا ڳوٺ اجڙي ويا، 735000 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو، 20 لک ايڪڙ فصل پاڻي هيـٺ آيا ۽ مواصلاتي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو. هن ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ، ٻارڻ ۽ توانائي جي متبادل ذريعن طرف منتقل ٿيڻ ۽ موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ۽ وڏن ڊيمن جي تعمير جي لاءِ ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيئن ته صدر جي حيثيت سان اها سندس آئيني ذميواري نه آهي ته هو موجوده سياسي ورڇ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري تنهن هوندي به جيڪڏهن سموريون ڌريون متفق ٿي وڃن ته هو رضاڪاراڻي طور تي ڌرين جي وچ ۾ ملڪ کي درپيش اهم سوالن، جن ۾ ايندڙ چونڊن جي تاريخ، اتفاق راءِ تي ٻڌل اقتصادي چارٽر ۽ اهم مقررين کي اڳتي وڌائڻ جو طريقو شامل آهي، تي ثالثي ڪري سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته عدليه ۽ فوج سميت سمورن ادارن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ڇو ته اهڙا تبصرا عظيم تر قومي مفاد ۾ نه آهن. هن چيو ته اسان کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڪو به تبصرو، بيانيو يا تجزيو جنهن سان ادارن جي اندر يا پاڪستان جي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جو انديشو هجي، اسان جي قومي مفاد ۾ هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن سمورين سياسي پارٽين، پنهنجي راءِ رکندڙ ماڻهن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ ميڊيا پرسنز تي زور ڏنو ته اهي ادارن تي ڳالهه ٻولهه يا تبصرو ڪرڻ وقت آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ لاڳاپيل قانونن ۽ ضابطن جي حدن ۾ رهن. هن چيو ته اٽڪل 90 سيڪڙو سوشل ميڊيا عوام کي علم، معلومات، تعليم ۽ تفريح فراهم ڪري رهي آهي جيڪو هڪ صحتمند رجحان آهي. صدر چيو ته ڪجهه ماڻهو يا گروهه جيڪي ڪجهه سياسي پارٽين يا اڳواڻ جا پيروڪار آهن اهي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي ڄاڻ يا رضامندي کانسواءِ سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو يا ادارن جي خلاف توهين آميز رجحان شروع ڪن ٿا پر اهڙا رجحان بنا ڪنهن ثبوت جي سياسي پارٽي يا شخصيت سان ڳنڍيا وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جا غيرتصديق ٿيل الزام به موجوده سياسي ورڇ ۾ اضافو ڪن ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي ڳالهه ٻولهه دوران صدر چيو ته پاڪستان سدائين کان دنيا جي سمورن ملڪن سان دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي تي عمل پيرا رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي مڃيل عالمي لاڳاپن جي اصولن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي گڏيل احترام، ٻين رياستن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت، عدم جارحيت ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي پڪو يقين رکي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ ٻين ملڪن کان به اهو ئي رويو اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جي منفرد اسٽريٽجڪ ۽ جيو اڪنامڪ بيهڪ جي ڪري ان کي علائقائي ۽ عالمي طاقتن سدائين اهم سمجهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي مفاد، ملڪ جي خودمختياري ۽ پاڪستاني عوام جي وقار کي مٿانهون رکندي سمورن ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا برقرار رکڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان جي توثيق ڪئي ۽ افغانستان ۾ آمريڪي دهشتگردي جي خاتمي ڊرون آپريشن ۾ پاڪستان جي فضائي حدن جي استعمال بابت افغانستان جي دفاع واري وقتي وزير جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪنهن ثبوت جي عدم موجودگي ۾،جيئن ته پاڻ افغان وزير اعتراف ڪيو، اهڙا فرضي الزام انتهائي افسوسناڪ آهن، پاڪستان سمورين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي يقين رکي ٿو.











