APP62-11 ISLAMABAD: May 11 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz launching ‘Masks4All’ campaign with CAP and ‘SabSaath’ representatives. APP

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ماسڪ فار آل مهم جاري ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حصيداري سان دي چين اسٽور ايسوسيئيشن آف پاڪستان 5 ملين ماسڪ ورهائيندي. اهو قدم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرسپ جو اظهار آهي.