APP60-11 ISLAMABAD: May 11 - SAPM on Youth Affairs Mr. Usman Dar briefs Prime Minister Imran Khan regarding COVID-19 Relief Force. APP

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي ٽائيگر فورس متحرڪ ڪرڻ کانپوءِ پهرين رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عثمان ڊار صوبائي حڪومتن جي تعاون ۽ انگن اکرن تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته رجسٽرڊ نوجوان محنت ۽ لگن سان ڏني ويندڙ ذميوارين کي ادا ڪري رهيا آهن، يونين ڪائونسل جي سطح تي ٽائيگر فورس پاران بيروزگار ماڻهن جي رجسٽريشن ۾ پڻ مدد ملي.