اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي ايوان جو اعتماد حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو سينيٽ جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميداريون پهرين وانگر بهتر طريقي سان ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيٽ چيئرمين کي ايوان جو اعتماد حاصل ڪرڻ تي مبارڪون