يورپي يونين پاران يوڪرين کي 30 کان 45 ارب يورو جو نئون قرض فراهم ڪرڻ تي غور

ماسڪو-29 جون(اي پي پي)يورپي يونين يوڪرين جي روس سان جنگ سال 2027 ع بعد به جاري رهڻ جي صورت ۾ 30 کان 45 ارب يورو جو نئون قرض فراهم ڪرڻ جي امڪان تي غور ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي پارليامينٽ ۾ يوڪرين-يورپي يونين پارلياماني تعاون ڪميٽي جي سربراهه پيڪاتوويري چئي. هن چيو ته مستقبل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ منصوبه بندي اڳ کان جاري آهي ته جيئن …

ماسڪو-29 جون(اي پي پي)يورپي يونين يوڪرين جي روس سان جنگ سال 2027 ع بعد به جاري رهڻ جي صورت ۾ 30 کان 45 ارب يورو جو نئون قرض فراهم ڪرڻ جي امڪان تي غور ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي پارليامينٽ ۾ يوڪرين-يورپي يونين پارلياماني تعاون ڪميٽي جي سربراهه پيڪاتوويري چئي. هن چيو ته مستقبل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ منصوبه بندي اڳ کان جاري آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته جنگ 2027ع بعد به جاري رهڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ يورپي يونين جي حمايت ۾ ڪو خال پيدا نه ٿئي. هن چيو ته 27-2026ع دوران يوڪرين لاءِ يورپي يونين طرفان مالي سهڪار 90 بلين يورو تائين پهچي ويو آهي ۽ يورپ ۽ ٻين ملڪن کان يوڪرين جي حڪومت لاءِ اضافي امداد 45-30 بلين يورو هجڻ گهرجي.