اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ تازن ماحولياتي نمونن جا نتيجا همٿائيندڙ آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق صوبي مان حاصل ڪيل 29 ماحولياتي نمونن مان 28 نيگيٽو رپورٽ ٿيا جيڪي آگسٽ 2023ع بعد نيگيٽو ماحولياتي نمونن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. …
سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي جي ڪوششن دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي: صحت بابت وفاقي وزير
اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ تازن ماحولياتي نمونن جا نتيجا همٿائيندڙ آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق صوبي مان حاصل ڪيل 29 ماحولياتي نمونن مان 28 نيگيٽو رپورٽ ٿيا جيڪي آگسٽ 2023ع بعد نيگيٽو ماحولياتي نمونن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. صحت واري وزير مطابق ڪراچي ڊويزن ۾ پوليو وائرس جي گردش ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جتي 12 مان 11 ماحولياتي نمونا پهريون ڀيرو نيگيٽو رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح صوبي جي ٻين ڊويزنز مان حاصل ڪيل 17 ماحولياتي نمونا به نيگيٽو آيا جيڪي پوليو جي روڪٿام جي قدمن جي اٿرائتي حڪمت عملي جو واضح ثبوت آهي. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته قمبر ۽ ڪشمور ۾ ڊگهي عرصي بعد پوليو وائرس جي گردش جو خاتمو سٺي اڳڀرائي جڏهن ته بدين ۽ ميرپورخاص ۾ مسلسل ٻئين مهيني به ماحولياتي نمونن جو ناڪاري اچڻ اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن، شراڪتدار تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان جامع قدم کڻڻ جو سلسو جاري آهي. صحت جي وفاقي وزير ٻڌايو ته سال 2026ع دوران ٻه قومي ۽ هڪ ماتحت پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي آهي جڏهن ته جولاءِ 2026ع ۾ ڪراچي ۾ پوليو روڪٿام جي خاص مهم به هلائي ويندي ته جيئن وائرس جي باقي رهيل منتقلي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائي سگهجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو فري پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ هر ٻار کي ان مرض کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري رهندا.









