ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ لاءِ دوحه ۾ ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي: پرڏيهي ميڊيا

واشنگٽن-29 جون (اي پي پي) آمريڪي ۽ برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ لاءِ دوحه ۾ ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايراني نار ۾ حملا روڪڻ ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق هڪ …

واشنگٽن-29 جون (اي پي پي) آمريڪي ۽ برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ لاءِ دوحه ۾ ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايراني نار ۾ حملا روڪڻ ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق هڪ سينيئر آمريڪي اهلڪار چيو آهي ته ٻئي ڌريون (اڄ) اڱاري تي پنهنجن اختلافن جي حل لاءِ قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ملاقات ڪنديون جتي آبنائي هرمز بابت معاملا غور هيٺ ايندا. ايران آمريڪا سان تازي ڇڪتاڻ جو ذميوار آبنائي هرمز جي انتظام ۾ آمريڪي مداخلت کي قرار ڏنو آهي. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري به آمريڪي عهديدار جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي تي حملا نه ڪندا ۽ (آبنائي هرمز ۾) جهازن کي آزاد چر پر جي اجازت هوندي. آمريڪي عهديدار مطابق (پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ 17 جون تي طئي ٿيل) مفاهمتي يادداشت جي سمورن حصن تي ڳالهيون جاري رهنديون. في الحال ٻئي ڌريون پوئتي هٽي وينديون ۽ جهاز آزاد طور چر پر ڪري سگهندا.