اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي انٽرنيشنل فارماسيوٽيڪل ريگوليٽرز پروگرام (آءِ پي آر پي) جي ريگوليٽري اٿارٽي جي باضابطه رڪنيت حاصل ڪرڻ اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته آءِ پي آر پي جي رڪنيت پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ڏانهن هڪ فيصلائتو قدم آهي. هن چيو ته …
ڊريپ پاران انٽرنيشنل فارماسيوٽيڪل ريگيوليٽرز پروگرام جي رڪنيت حاصل ڪرڻ اهم ڪاميابي آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي انٽرنيشنل فارماسيوٽيڪل ريگوليٽرز پروگرام (آءِ پي آر پي) جي ريگوليٽري اٿارٽي جي باضابطه رڪنيت حاصل ڪرڻ اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته آءِ پي آر پي جي رڪنيت پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ڏانهن هڪ فيصلائتو قدم آهي. هن چيو ته ان سان عالمي فارماسيوٽيڪل پاليسيي سازي ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيڪ مضبوط ٿيندو جڏهن ته ڊريپ جي ريگوليٽري شفافيت، اداري جي سڌارن ۽ عوامي صحت جي تحفظ جي عزم کي به هٿي ملندي. ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبيدالله ملڪ چيو ته آءِ پي آر پي جي مڪمل رڪنيت ڊريپ جي ريگيوليٽري سڌارن تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي، ان سان پاڪستان جي دوا سازي جو نظام عالمي اصولن سان وڌيڪ هم آهنگ ٿيندو ۽ سائنسي بنيادن تي ريگوليٽري نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڊريپ شفافيت کي هٿي ڏيڻ، ڊيجيٽل نظام جي تيز رفتار ترقي ۽ مريضن ۽ مقامي صنعت کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. آءِ پي آر پي جي مڪمل رڪنيت سان ڊريپ عالمي سطح تي دوائن جو معيار طئي ڪندڙ مختلف خاص ورڪنگ گروپس ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي معياري ۽ گهٽ قيمت دوائن تائين تيز پهچ حاصل ٿيندي جنهن سان علاج جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. اها ڪاميابي هلندڙ سال ڊريپ جي عالمي سطح تي حاصل ڪيل ٽئين وڏي ڪاميابي آهي. ياد رهي ته ان اهم ڪاميابي جو باضابطه اعلان 3 ۽ 4 جون 2026ع تي برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ منعقد ٿيل آءِ پي آر پي منيجمينٽ ڪميٽي جي 17 هين اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.










