APP80-26 ISLAMABAD: June 26 - Minister for Science and Technology Chaudhry Fawad Hussain called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو فروغ اسان جي مستقبل لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان اهميت کي نظر ۾ رکندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي خصوصي ٽاسڪنگ ڪندڙ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، هن اها ڳالهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي.