APP04-09 ISLAMABAD: May 09 - Dr. Firdous Ashiq Awan, Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting addressing during certificate distribution ceremony of 1st Professional Management Course of Information Department, Khyber Pakhtunkhwa at Information Service Academy. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا جي ذميداراڻي ڪردار سان ئي خوشحالي، ترقي يافته ۽ مستحڪم پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو، پاڪستان جي حقيقي تشخص کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي، انفارميشن سروسز اڪيڊمي پروفيشنلز ۽ نون شامل ٿيندڙن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ انهن جي پيشيوراڻي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ خيبرپختونخوا انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو پهريون پيشيوراڻو مينيجمينٽ ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن ۾ سندون ورهائڻ ۽ 36 هين اسپيشلائيز ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن جي آجيان واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.