اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد قومي معيشت کي نقصانن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدعنواني جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته بدعنواني ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ان جا عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي منفي اثر پون ٿا، بدعنواني جي خاتمي ۾ تعاون جو دائرو ٻين مسلمان ملڪن …
وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا هم منصب مهاتير محمد جي گڏيل پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد قومي معيشت کي نقصانن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدعنواني جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته بدعنواني ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ان جا عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي منفي اثر پون ٿا، بدعنواني جي خاتمي ۾ تعاون جو دائرو ٻين مسلمان ملڪن تائين پڻ وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ملائيشيا کي بدعنواني جي منفي اثرن بابت تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ سمجهون ٿا ته اها سماجي اقتصادي ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.











