اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي سندن وطن واپسي سميت اهم فيصلا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف ۾ جتي اسان جا دوست ملڪ به آهن پر ڪجهه اسان جي خلاف به آهن جيڪي اهو چاهيندا هئا ته پاڪستان تي ايف اي ٽي ايف ۾ پابنديون لڳن پر الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو ان حوالي سان به ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.