APP04-02 ISLAMABAD: July 02 - Vice Chancellor, University of Baltistan Prof. Dr. Muhammad Naeem Khan called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته سماجي ۽ اقتصادي ترقي انساني وسيلن جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، ان مقصد جي لاءِ ملڪ ۾ وڌيڪ اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ يونيورسٽي آف بلتستان جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد نعيم خان سان ملاقات ۾ چئي جنهن ۾ صدر کيس پنهنجي ذميوارين سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.