اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد ۽ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته قانوني برادري عدالتي نظام جي استحڪام ۽ عوام کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن اها ڳالهه هاءِ ڪورٽ بار …
ملڪ ۾ وڪيل برادري جي جدوجهد ساراهه جوڳي آهي: وزيراعظم

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد ۽ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته قانوني برادري عدالتي نظام جي استحڪام ۽ عوام کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن اها ڳالهه هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.










