عالمي برادري ڪشمير معاملي ۾ پنهنجي ذميدارين جو ادراڪ ڪري: صدر

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي پنهنجي بنيادي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي جدوجهد لاءِ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ان معاملي ۾ پنهنجي ذميدارين جو ادراڪ ڪري. هن اها ڳالهه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي …

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي پنهنجي بنيادي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي جدوجهد لاءِ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ان معاملي ۾ پنهنجي ذميدارين جو ادراڪ ڪري. هن اها ڳالهه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي.